Poetry Of Nawab Gul Mohammad Zaib Magsi

Ghazal Number 1 

آ فرض سڀ ڪنهن ٿي سبحان جي ثنا
قادر قدير مالڪ منان جي ثنا
ڳڻ ڳايان ٿو مون دل سان رئوف الرحيم جو
رحمت وسائي ٿي مون تي رحمان جي ثنا
جي قرب حق هو ٿو گهرين ڪر سجود ساه
پيغمبرن جي سرور سلطان جي ثنا
فرقان مڃ محمد جو تان لهين مراد
ڪن ٿا ملڪ فلڪ تي فرقان جي ثنا
صديق يار غار کي دل سان سجود ڪر
پو چئو عمر جي مدح ۽ عثمان جي ثنا
ڪنجي اگر گهرين ٿو تون غيبي خزاني جي
ڪر شوق ذوق سان شه مردان جي ثنا
ايزد جواد جو آ محبوب مرتضي
ڪر صدق سان جواذ جي جانان جي ثنا
مداح ٿي امام حسن جو ۽ ورد ڪر
حضرت حسين شاه شهيدان جي ثنا
جي زيب فيض ٿو گهرين فناح کان نه لک
مرشد فريد معدن فيضان جي ثنا    



بحرـ رمل مثمن مخبوب محذوف
وزن ـ فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن
ساقيا آءُ جو اڄ گل ڀي آ گلفام ڀي آ
مي گل رنگ ڀي آ ابر ڀي آ جام ڀي آ
رخ تي خال آ ۽ خال تي آ زلف جو پيچ
مرغ دل ڦاسي نه ڇو داڻو ڀي آ دام ڀي آ
عشق ناصح رڳو آرام جو دشمن ناهي
جي دل آرام ملي پوءِ ته آرام ڀي آ
مونکان محبوب پري آهي رقبين سان رفيق
منهنجي سواد سان شامل وري سر سام ڀي آ
غم غريبن ڪان رڳو ناهي وراهايل جڳ ۾
تير گردش جو هدف خاص ڀي آ عام ڀي آ
سج زاهد ٿو ٿو چوي هڪ تجلي جي تلي
شيخ ديندار ڀي آ رند مي آ شام ڀي آ
قيس ناهي رڳو ميدان جنون ۾ عريان
بلڪ هي زيب تنهنجي برهه هو بدنام ڀي آ



1 comment:

ad2

ads 9