مولانا عبدالرحيم مگسي سنڌ جي سر زمين جو هڪ وڏو عالم مفسر ۽ مدرس ٿي گذريو آهي مولانا عبدالرحيم جد امجد ساهٽي جي قديم شهر بنو نوشهروز فيروز جو باشندو هو . هن جو پئ پريو خان مگسي لڏي اچي دادو اچي ويٺو نوشهروفيروز ۾ سندس بزرگ ڪلهوڙن جي زماني ۾ سپاهگيري ۽ ڪاشتگيري جو ڌنڌو ڪندا هئا هن خاندان کي فوجي لحاظ کان وڏي عزت احترام سان ڏٺو ويندو هو دادو ۾ اچڻ سان هن خاندان کي چگي شهرت حاصل ڪئي مولانا عبدالرحيم جي والد نالو سرائي پريو خان مگسي ۽پنهنجي ڳوٺ جو نالو سرائي پريو خان مگسي رکيو ديھ چوئي تعلق دادو م آهي جتي زمينداري ڪئائين. عبدالرحيم مگسي اندازي موجب 1878ع ۾ ڄائو ۽ سندس چاچو سرائي ڌڻي بخش جو پوليس کاتي ۾ ملازم هو ان جي ڪوشش سان مولانا عبدالرحيم تعليم ڏانهن راغب ٿيو مولانا مگسي صاحب ابتدائي مروج سنڌي ۽ ناظر قرآن پاڪ مولانا ابراهيم عباسي وٽ پڙهيو ابتدائي فارسي جا ڪتاب ڳوٺ سيتا۾ مولاناغلام صديق سولنگي جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين اتي فارسي جو پورو نصاب پڙهي حاصل ڪيائين ان کان پوء ان وقت جي هڪ وڏي عالم علاما غلام محمد ملڪاڻي وٽ ڳوٺ رب تعلق بدين ۾ درس نظامي جو عربي نصاب پورو ڪري دستاربندي ڪيائين ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوء مولانا مگسي صاحب مولانا حڪيم خير محمد جوڻيجي کان علم طب ۾ پڻ تعليم ورتي . مولانا مگسي صاحب فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوء پنهنجي استاد مولانا حڪيم خير محمد جوڻيجي سان گڏجي لسبيلي بلوچستان ۾ وڃي نائب قاضي مقرر ٿيو اتي ب ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيائين .ان وقت لسبيلي جي حاڪم ڄام مراد علي خان هو ڄام صاحب جا انگريزن سان ناتا خراب ٿي پيا جنهن پنهنجو وطن ڇڏي افغانستان رهيو انهن حالتن جي ڪري مولانا عبدالرحيم مگسي پنهنجي عهدي تان استعفا ڏئي پنهنجي وطن دادو موٽي آيو اچي طب جو ڪم شروع ڪيائين سن 1910ع ۾ مولانا عبدالرحيم مگسي کي سندس علمي فضيلت جي ڪري سنڌ جي وڏي تعليمي اداري سنڌ مدرسه الالسلام ڪراچي ۾ فقه ۽ دينيات جو استاد مقرر ٿيو مولانا تعليم لحاظ کان وڏو مشهور ٿيو پنهنجي زندگي جا 30 سال انهي اداري کي ڏنا . پاڻ علاما دائود پوٽي جهڙا شاگرد پيدا ڪيائين . ان کان پاڻ دادو بيراج سان گڏ وڏي ڀاء جي نالي سان ڳوٺ گل محمد مگسي قائم ڪيائين جتي پڻ مدرسو مسجد قائم ڪيائين ۽ پنهنجي ذاتي سروي زمين اسڪول لاء وقف ڪيائين . پاڻ اڪثر دادو شهر ڪنڀار محلا ۾ جاء هوندي هئي اتي اچي آرام ڪندا هئا جيڪا اڃان قائم دائم آهي پاڻ ديني علمن ۾ ب تصنيف تاليف جو وڏو ڪم ڪيو پاڻ هيٺيان ڪتاب تصنيف ۽ ترجمو ڪيائين . 1 . قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تشريح . 2 . اسلامي تاريخ حصو اول سيرت النبي صلي الله عليه و سلم “ 3. اسلامي تاريخ حصو ٻيو خلفاء راشدين 4. اسلامي تاريخ حصو ٽيون بني اميه 5 .اسلامي تاريخ حصو چوٿون خلفاء بنو عباس 6. تاريخ انڊلس ۽ مغرب 7. سيرت الصحابيات حصو اول و دوم 8. اسلامي احڪام 9. حقوق الزمين 10. بحفت المصلين 11 . ڪتاب الزڪواء 12. تحفت الصائمين 13. ڪتاب الحج والزيارت 14. عقاد اسلام 15. اسلام جا دنيا تي احسان حصو اول ۽ ٻيون 16. شهيد عبدالرحيم ج ڪلام 17. دلائل الايمان في تفسير القران 18. ڪتاب الاخلاق 19 . مشاهير الاسلام 20. مناقب الاصحاب والصحابيات في القرآن المجيد 21. مدح البحرين (يوناني طب اردو جو ترجمو) 22. سيرت الصحاب والصحابيات 23. مشاهيرالاسلام (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي)1986 ۾ ڇپرايو 24. برک سبز معروف الفوائد درخت نيم . (فارسي)25. سيرت عائش رضي الله تعالي عنه انهن ڪتابن کان سواء مولانا عبدالرحيم مگسي قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي جيڪو مقتدرو و مستند علماء سنڌ جي نالي ڇپرايو ويو ان ڳاله جي نشاندهي علام غلام مصطفي قاسمي صاحب قاضي عبدالرزاق جي حوالي سان پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪئي آهي مولانا عبدالرحيم مگسي سن 1943ع ۾ 2رمضان شريف ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي . سندس آرام گاه پير محمد مراد دادو ۾ آهي.دلائل الايامن بتفسيرالقران قرآن پاڪ جي آخري پاري عم جي چوٿين حصي(ربع) جو تفسير جو مولانا عبدالرحيم مگسي جو لکيل آهي هي تفسير ننڍي سائز جي 146 صفحن تي فليل آهي هن تفسير کي عزت خان مدد اليڪٽرڪ ليٿو پريس مان ڇپائي قومي ڪتب خانو جهونا مارڪيٽ ڪياچي مان 15 شوال 1347ھ 27 مارچ 1992ع پڌرو ڪيو وي هن جي تفسير جي آخر ۾ سنڌ جي مشهور عالم مولانا عبدالڪريم درس حافظ غلام رسول قادري ۽ مولانا عبدالخالق مورائي جون تقريظون ڏنل اٿس. سندس کي چار پٽ . ابوبڪر خان محمد سليمان زاهد علي محبوب علي هئا. ميان ابوبڪر ۽ زاهد علي پڻ وڏا عالم هئا ۽ سدس ڪيترا ڪتاب پڻ لکيل اٿس.
The Baluch i (also Baloch, or Balochi) are a seminomadic people (they travel with their herds on a seasonal basis but also have a home area where they grow some food crops). They live in the southern mountains and coastal regions of South Asia's western borderlands. Their traditional homeland is divided among Pakistan, Iran, and Afghanistan.
Biography Molana Abdul Raheem Magsi
مولانا عبدالرحيم مگسي سنڌ جي سر زمين جو هڪ وڏو عالم مفسر ۽ مدرس ٿي گذريو آهي مولانا عبدالرحيم جد امجد ساهٽي جي قديم شهر بنو نوشهروز فيروز جو باشندو هو . هن جو پئ پريو خان مگسي لڏي اچي دادو اچي ويٺو نوشهروفيروز ۾ سندس بزرگ ڪلهوڙن جي زماني ۾ سپاهگيري ۽ ڪاشتگيري جو ڌنڌو ڪندا هئا هن خاندان کي فوجي لحاظ کان وڏي عزت احترام سان ڏٺو ويندو هو دادو ۾ اچڻ سان هن خاندان کي چگي شهرت حاصل ڪئي مولانا عبدالرحيم جي والد نالو سرائي پريو خان مگسي ۽پنهنجي ڳوٺ جو نالو سرائي پريو خان مگسي رکيو ديھ چوئي تعلق دادو م آهي جتي زمينداري ڪئائين. عبدالرحيم مگسي اندازي موجب 1878ع ۾ ڄائو ۽ سندس چاچو سرائي ڌڻي بخش جو پوليس کاتي ۾ ملازم هو ان جي ڪوشش سان مولانا عبدالرحيم تعليم ڏانهن راغب ٿيو مولانا مگسي صاحب ابتدائي مروج سنڌي ۽ ناظر قرآن پاڪ مولانا ابراهيم عباسي وٽ پڙهيو ابتدائي فارسي جا ڪتاب ڳوٺ سيتا۾ مولاناغلام صديق سولنگي جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين اتي فارسي جو پورو نصاب پڙهي حاصل ڪيائين ان کان پوء ان وقت جي هڪ وڏي عالم علاما غلام محمد ملڪاڻي وٽ ڳوٺ رب تعلق بدين ۾ درس نظامي جو عربي نصاب پورو ڪري دستاربندي ڪيائين ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوء مولانا مگسي صاحب مولانا حڪيم خير محمد جوڻيجي کان علم طب ۾ پڻ تعليم ورتي . مولانا مگسي صاحب فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوء پنهنجي استاد مولانا حڪيم خير محمد جوڻيجي سان گڏجي لسبيلي بلوچستان ۾ وڃي نائب قاضي مقرر ٿيو اتي ب ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيائين .ان وقت لسبيلي جي حاڪم ڄام مراد علي خان هو ڄام صاحب جا انگريزن سان ناتا خراب ٿي پيا جنهن پنهنجو وطن ڇڏي افغانستان رهيو انهن حالتن جي ڪري مولانا عبدالرحيم مگسي پنهنجي عهدي تان استعفا ڏئي پنهنجي وطن دادو موٽي آيو اچي طب جو ڪم شروع ڪيائين سن 1910ع ۾ مولانا عبدالرحيم مگسي کي سندس علمي فضيلت جي ڪري سنڌ جي وڏي تعليمي اداري سنڌ مدرسه الالسلام ڪراچي ۾ فقه ۽ دينيات جو استاد مقرر ٿيو مولانا تعليم لحاظ کان وڏو مشهور ٿيو پنهنجي زندگي جا 30 سال انهي اداري کي ڏنا . پاڻ علاما دائود پوٽي جهڙا شاگرد پيدا ڪيائين . ان کان پاڻ دادو بيراج سان گڏ وڏي ڀاء جي نالي سان ڳوٺ گل محمد مگسي قائم ڪيائين جتي پڻ مدرسو مسجد قائم ڪيائين ۽ پنهنجي ذاتي سروي زمين اسڪول لاء وقف ڪيائين . پاڻ اڪثر دادو شهر ڪنڀار محلا ۾ جاء هوندي هئي اتي اچي آرام ڪندا هئا جيڪا اڃان قائم دائم آهي پاڻ ديني علمن ۾ ب تصنيف تاليف جو وڏو ڪم ڪيو پاڻ هيٺيان ڪتاب تصنيف ۽ ترجمو ڪيائين . 1 . قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تشريح . 2 . اسلامي تاريخ حصو اول سيرت النبي صلي الله عليه و سلم “ 3. اسلامي تاريخ حصو ٻيو خلفاء راشدين 4. اسلامي تاريخ حصو ٽيون بني اميه 5 .اسلامي تاريخ حصو چوٿون خلفاء بنو عباس 6. تاريخ انڊلس ۽ مغرب 7. سيرت الصحابيات حصو اول و دوم 8. اسلامي احڪام 9. حقوق الزمين 10. بحفت المصلين 11 . ڪتاب الزڪواء 12. تحفت الصائمين 13. ڪتاب الحج والزيارت 14. عقاد اسلام 15. اسلام جا دنيا تي احسان حصو اول ۽ ٻيون 16. شهيد عبدالرحيم ج ڪلام 17. دلائل الايمان في تفسير القران 18. ڪتاب الاخلاق 19 . مشاهير الاسلام 20. مناقب الاصحاب والصحابيات في القرآن المجيد 21. مدح البحرين (يوناني طب اردو جو ترجمو) 22. سيرت الصحاب والصحابيات 23. مشاهيرالاسلام (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي)1986 ۾ ڇپرايو 24. برک سبز معروف الفوائد درخت نيم . (فارسي)25. سيرت عائش رضي الله تعالي عنه انهن ڪتابن کان سواء مولانا عبدالرحيم مگسي قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي جيڪو مقتدرو و مستند علماء سنڌ جي نالي ڇپرايو ويو ان ڳاله جي نشاندهي علام غلام مصطفي قاسمي صاحب قاضي عبدالرزاق جي حوالي سان پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪئي آهي مولانا عبدالرحيم مگسي سن 1943ع ۾ 2رمضان شريف ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي . سندس آرام گاه پير محمد مراد دادو ۾ آهي.دلائل الايامن بتفسيرالقران قرآن پاڪ جي آخري پاري عم جي چوٿين حصي(ربع) جو تفسير جو مولانا عبدالرحيم مگسي جو لکيل آهي هي تفسير ننڍي سائز جي 146 صفحن تي فليل آهي هن تفسير کي عزت خان مدد اليڪٽرڪ ليٿو پريس مان ڇپائي قومي ڪتب خانو جهونا مارڪيٽ ڪياچي مان 15 شوال 1347ھ 27 مارچ 1992ع پڌرو ڪيو وي هن جي تفسير جي آخر ۾ سنڌ جي مشهور عالم مولانا عبدالڪريم درس حافظ غلام رسول قادري ۽ مولانا عبدالخالق مورائي جون تقريظون ڏنل اٿس. سندس کي چار پٽ . ابوبڪر خان محمد سليمان زاهد علي محبوب علي هئا. ميان ابوبڪر ۽ زاهد علي پڻ وڏا عالم هئا ۽ سدس ڪيترا ڪتاب پڻ لکيل اٿس.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment