Biography Abu Bakar Magsi

دادو ضلعي کي وادي سنڌ ۽ علمي ۽ سياسي اها حيثيت حاصل آهي جيڪا وچ اوڀر ايشيا ۾ بغداد ۽ قاهراھ کي حاصل آهي . اسين سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو جڏهن مطالعو ڪنداسون ت ان ۾ دادو عالمن جي گهڻائي نظر ايندي جن عالمن پنهنجي پنهنجي علمي لياقت آهر سنڌي قوم جي توڙي ٻين زبانن جي خدمت ڪئي آهي . انهن تاريخ ۽ قانوني توڙي سماجي فلسفي عالمن منجهان هڪ عالم مفڪر اديب استاد وڪيل عربي سنڌي انگريزي سرائيڪي ۾ مهارت رکندڙ ميان ابوبڪر خان مگسي پڻ هڪ هو . پاڻ 1921ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو سندس والد مولوي عبدالرحيم مگسي جيڪو وڏو عالم ۽مختلف ڪتابن تفسير جو پڻ عالم هو مولوي صاحب جا ڪيترائي اسلام تي ڪتاب لکيل اٿس . ميان ابوبڪر خان مگسي ميٽرڪ سنڌ مدرست السلام ڪراچي مان حاصل ڪيائين ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوء ايل ايل بي ڊگري حاصل ڪيائون . ملازمت ميان ابوبڪر مگسي شروعات ۾ استادي پيشوا اختيار ڪيو دادو پائلٽ هاء اسڪول دادو کان وٺي ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج حيدرآباد تائين پنهنجا علمي فرائض انجام ڏنائين تعليمي دور ۾ ڪيترائي شاگرد قابل احترام پيدا ڪيائين جيڪي تنوير صاحب کان وٺي سائين محبوب هسباڻي ـ عبداالله شاھ ـ سيد مٺل شاھ ـ سليم سولنگي تائين ڳڻي سگهجن ٿا . ان کان پوء وڪالت شروع ڪيائون . ميان ابوبڪر مگسي صاحب هڪ نظرياتي انسان هو هو لينن کي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي قراني فڪر جي حوالي سان ڏسندو هو هڪ ئي وقت پاڻ وهابي ڪميونيسٽ ھو سندس نظريات جي ڪري منجهس سچائي جو اظهار ڪرڻ ۽ سچ کي تسليم ڪرڻ جو ڳڻ اتم هئو ان ڪري ئي ايوبي مارشلا ۾ سرڪاري وڪالت تان هٿ ڌوئڻا پيا. ان کان پوء دادو لڳ ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ سڪونيت اختيار ڪرڻ کان پوء پاڻ تعليم جي واڌاري ۽ تصنيف جي تخليقي ڪمن جنڀهي ويو سندس ڪوششن سان ن رڳو سندس اباڻي ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم کي زور وٺارائين پر ان سان گڏ گرلس هاء اسڪول دادو گرلس ڪاليج دادو جي قيام ۽ سندس اڻٿڪ ڪوششون شامل آهن . علمي تخليق جي حوالي سان پاڻ هفتوار اخبار قلندر جو ايڊيٽر ٿيو مذڪوره اخبار ۾ سندس ايڊيٽوريل سياسي تاريخي ادبي شهپاره آهن . ميان ابوبڪر خان مگسي ڪتيرائي ڪتاب لکيا ۽ترجما ڪيا . جن ۾ علام شتري جو ڪتاب( گوبي جو صحراء ) اينگلس جو ڪتاب( ڪٽنب ملڪيت ۽ رياست) جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو پر ان ڪتاب تي سنڌ عرب سماج جي سماج جي روشني۾نبي ڪريم محمد ﷻ جي انقلاب جي حوالي سان جيڪو مهاڳ لکيو اٿس سو اينگلس جي ڪتاب کي ن رڳو پڙهي سگهجي ٿو پر تاريخي ۽ معروضي طور وادي سنڌ جي تنظيم ۽انقلابي فڪر پيدا ڪرڻ ۾ پڻ وڏي رهنمائي ڪري سگهجي ٿو . ان کانسواء قانون جو ڪتاب(محمد اينڊ لا) جو ب ترجمو ڪيو پر افسوس غربت سبب اڄ تائين ن ڇپجي سگهيو . البت 1970ع ڌاري سندس ڪتاب(پاڪستان جي قومي زبان عربي)جيڪو پاڻ علي نواز وفائي جي تعاون سان شايع ڪرايائين اهو ڪتاب اردو دان طبقي جي دانشورن کي تمام ڏکيو لڳو مذڪوره ڪتاب جي حاصل مقصد کي نندڻ لاء جليل الدين عاکي تمام گهڻو ٻوڙ ھاريو هئو جماعت اسلامي جو فٻيل دانشور صحافي بدمعاش تحرڪ ۾ اچي ويو هئو . اهو ڪتاب پاڪستان پوري ۾ پڙهيو ويو بلڪ سرحد ٽپي عرب دنيا ۾ ليبيا جي ڪرنل قذافي جي هٿن تائين پهتو . ميان ابوبڪر صاحب 30 کن ڪتابن جو محقق هيو .ميان ابوبڪر خان مگسي جا شاگرد توڙي نظرياتي دوست تمام گهڻاهئا پر خاص دوستي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان هئس ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي روحاني نظرياتي ڪچهري لاء ڏينهن جاڏينهن مگسي صاحب وٽ گذاريندو هو . ميان ابوبڪر چوندو هئو مان زندگي ۾ ٽن شخصيتن کان علمي عملي طورمتاثر آهيان . جيڪي قدرتي طور پنهنجي وجود ۾ مڪمل انسان هئا يعني محمدﷻ مولانا عيبدالله سنڌي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ذڪر ايندو هو ت سبحان الله نبي محمدﷻ تي صلوات پڙهندا هئا . اڪثر پاڻ شوڪت سنڌي جي دوڪان تي يا گلاب سومري جي دوڪان يا امام بخش گرياڻي جي آفيس دادو تي ڪچهري هوندي هئي . اي ڪي بروھي ـ علي نواز وفائي ـ ميان علي احمد راشدي ـ مير رسول بخش ٽالپر ـ شيفيع محمد سولنگي ميان علي احمد قريشي وڪيل ـ غلام اڪبر قريشي وڪيل ـ تاج صحرائي ـ ميان نصرالله ڪلهوڙو ـ نياز احمد ٽڳو ـ حڪيم محمد صالح پنھور ـ احمد مجتبي غالب ملڪاڻي ـ محبوب ھسباڻي ـ علڻ خان لغاري سيد جڙيل شاه ـ سيد حسن شاه فٽائي ڀان ڪيترائي دوست شامل آهن . سند س وفات 1981ع ڪئي سندس آرام گاه پير محمد مراد تلعق دادو ۾ آهي

No comments:

Post a Comment

ad2

ads 9