هي ڪتاب ديوان گل محمد زيب مگسي منهنجي ڏاڏي جي شاعري جو سنڏي ۾ مجموعو آهي . جنهن کي شهدادڪوٽ جي کاهوڙي ۽ جاکوڙي شخصيت ايترن سالن جي محنت ۽ جفاڪشي کانپوءِ ترتيب سان مرتب ڪيو آهي.نواب گل محمد خان زيب مگسي 4 مارچ 2012 تي 59هين ورسي ملهائي زيب مگسي جو دنيا جي اڳيان تعارف ڪرايو آهي.ان جي آءِ ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار کي خراج تحسين پيش ٿو ڪريان.
پاران
نوابزادا مير عامر علي خان مگسي
ايم اين اي قمبر شهدادڪوٽ
ٻه اکر دعا نظر
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجه اچي بوءِ بهار جي
ٻالڪپڻو ٻار ڪري جڏهن سجهه ڏانهن سرياسين ، پاڻ به ڪنهن کي وڻئون ۽ پاڻ کي به ڪوئي جان کان پيارو لڳي. باوفا جي اکر کان ڄڻ ناواقف صفا زندگيءَ جي رنگينن ۾ گهمندا گهمندا جڌهن اچي استاد پيرل قمبر جي اوطاق تي پهتاسين پوءِ ته اسين استاد پيرل قمبر جا ئي ٿي وياسين.
چو جو استاد جون من موهيندڙ ڳالهيون ۽ طبع مطابق طبيعتون پاڻ تي تارون تار ڪري تنهن ۾ ترندا ئي رهاسيون.فقيري ۽ محبت ڀرين ڪچهريون ۾ ويهندي ويهندي جوانيءَ جي جذبن سان محبت جي جوت پئي جلائي سون.
ڏنل استاد جي قرب ۾ ادب ۾ ادب کي ئي ڪائنات جي سونهن 7 سينگار سمجهندي سمجهندي پنهنجي دنيا به اهڙن ئي خيالن تي ٻڌجي ڪري زندگيءَ جو ڪافي حصو ادب جي محفلن کي ڏيندي ڏيندي اديبن ، سگهڙن توڙي شاعرن سان ورسيون ۽ سالگره ملهائيندي ملهائيندي.جڏهن نواب گل محمد خان زيب مگسي جي 59هين وريسي ملهائڻ جو قسمت شرف بخشيو ته پاڻ سموري سٿ سميت يعني بزم پيرل قمبر شهدادڪوٽ خدمت ۾ پيش پيش ٿياسين
ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار
Ramos bhaw lakh qurb🖤
ReplyDelete